SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Normative Theory

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nɔːmətiv
  • θiəriː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Normative Theory

نارميٽو ٿيئري

اخلاقي ضابطن وارو سياسي نظريو

هيءُ نظريو بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن نظريي هيٺ بين الاقوامي سطح تي هر معاشري جي ڪيفيتي صورتحال جي تڪ - تور ڪئي وڃي ٿي. هن نظريي کي عملي طور تي دنيا جي سياسي سرشتي ۾ بهتري آڻڻ جو هڪ اهم ماخذ سمجهيو وڃي ٿو. هيءُ نظريو ڪنهن به معاشري جي اندر سياسي، سماجي، قانوني، معاشي، جاگرافيائي ۽ عسڪري حوالي سان ٿيندڙ سرگرمين جو جائزو وٺندي، اُن ۾ بهتر، دُرست ۽ هاڪاري روين ۽ نقصانڪار يا ناڪاري لاڙن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، هڪ مثالي انساني سماج جي اڏاوت جي سلسلي ۾ رهبري ڪري ٿو. هيءُ نظريو اعليٰ اصولن جي پاسداري ڪندي، اخلاقي قدرن، انصاف جي حاصلات ، سچائيءَ جي سوڀ ۽ انساني معاشري کي روشن ۽ راهنما اصولن تحت منظم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هي نظريو سڀ کان اڳ سماجي سائنس جي مُختلف شعبن ۾ متعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ باضابطا طور هن نظريي کي بين الاقوامي تعلقات جي علم جو حصو بنائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. جرمنيءَ جي جڳ مشهور سماجي سائنسدان ”ميڪس ويبر“ نارميٽو ٿيوري کي فقط اخلاقي ضابطن تي زور ڏيندڙ تصوراتي خاڪو نه پر هڪ ”سائنسي نظريو“ سڏيو آهي. سندس چوڻ موجب اُهو نظريو سائنسي جاکوڙ وانگر معلومات کي گڏ ڪرڻ، ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، مليل معلومات مطابق معاملي يا مسئلي جي حل بابت رٿابندي ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ طئه ٿيل حڪمت عمليءَ کي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ مليل نتيجن جي روشنيءَ ۾ مُناسب حل تجويز ڪري ٿو. ”سرد جنگ“ واري دور ۾ جنگ ۽ سيڪيورٽي جي معاملن کي ”نارميٽو ٿيوري“ مطابق جاچيو ويندو آهي. بين الاقوامي معاملن ۾ به جنگ کي جائز دليلن ذريعي واجبي سمجهڻ (Just War) کان پوءِ ئي، ڪنهن به مُهذب ملڪ طرفان جنگ ڪرڻ واري اڳڀرائيءَ کي مڃتا ڏني وڃي ٿي. انهيءَ ڪري جو هن نظريي مطابق ڇڪتاڻ هيٺ آيل علائقي ۾ جنگ کي واجبي قرار ڏيڻ کان اڳ، لاڳاپيل ڌُرين ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي حتي الامڪان ڪوشش ڪئي وڃي. علمي مُباحثن دوران عمرانيات جي ماهرن (Sociologists) ۽ حقيقت پسندن (Realists) جي وچ ۾ اهو بحث مسلسل رهندو آهي ته طاقت جي زور ۽ لڙائيءَ ذريعي مُلڪن وچ ۾ تڪرار حل ڪرائڻ وارو طريقو بهتر نتيجا ڏيندڙ آهي يا نه ؟ هڪ سوشولاجسٽ هر بحراني صورتحال ۾ انساني اخلاقي قدرن لاءِ احترام کي ترجيح ڏئي ٿو، جڏهن ته هڪ ”ريئلسٽ“ عارضي طور تي ئي سهي جنگ کي ترجيح ڏئي، مستقل طور تي مسئلن کي ختم ڪرڻ جو نظريو رکي ٿو. دُنيا کي طاقت جي مسلسل زور آزمائيءَ جو آکاڙو قرار ڏيندڙن جو خيال آهي ته Normative Theory خيال پسنديءَ تي ٻڌل هڪ ڪتابي ۽ تصوراتي نظريو آهي، جيڪو دُنيا کي درپيش مسئلن جو عملي حل ڏسڻ بجاءِ فقط اخلاقي اصولن جي وڪالت ڪري ٿو. پر هن نظريي جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته انساني داخلي احساسن ۽ صدين جي ادراڪ تي بيٺل حقيقتن جي روشنيءَ ۾، جيستائين عالمي سماج لاءِ رهنما اصول طئه نٿا ٿين، تيستائين ان مان بحرانن ۽ تڪرارن جو خاتمو اڻ ٽر آهي، پوءِ ڀلي ته بيشمار جنگيون ڇو نه لڙيون وڃن؟


Remember Me Also:

بغلگير

ظرف. ڀاڪُرين ، هم آغوش.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal